اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قيدي?? جي سزائن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سزائن ۾ گهٽتائي آئي?? جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب جيلن ۾ رهندڙ قيدي?? جي سزائن ۾ پنجين حصي جي گهٽتائي ڪئي ويندي. صدر 65 يا ان کان وڏي عمر جي مرد قيدي جيڪي 15 سال يا ان کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪا آهن انه?? جي لاءِ باقي سزا ۾ مڪم?? ڇوٽ جو اعلان ڪيو آهي. 60 سال يا ان کان وڏي عمر جون عورتو?? جيڪي 10 سال يا ان کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪيون آه?? جي لاءِ باقي سزا ۾ مڪم?? ڇوٽ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. قيد جي سزا جو ٽي ڀاڱي چوٿون حصو ڪاٽيندڙ قيدي?? جي سزا تي مڪم?? ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. 20 سال جي قيد مڪمل ڪندڙ قيدي?? جي سزا ۾ مڪم?? ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق موت جي سزا، جاسوسي، گينگ ريپ، بئنڪ ڌاڙي، رياست مخالف سرگرمين، زنا، اغوا ۽ ڌاڙي جي ڏوهارين تي نه هوندو.