فيصل آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪس??ان جي آزادي جي لاءِ عالم سڳورن تاريخي ۽ شاندار ڪردار ادا ڪيو تنهن ڪري اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان کي ملڪي ترقي، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ جو وچن ڪرڻ ۽ موجوده حالتن ۾ سمورين سياسي ۽ مذهبي پارٽ??ن کي هڪ قومي ايجنڊا تي گڏ ٿيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪس??ان سني تحريڪ جي ڊويزنل صدر پروفيسر پير محمد آصف رضا قادري فيصل آباد ۾ سدا سلامت پاڪستان ??يامت تائين پاڪس??ان ريلي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته آزادي جو حقيقي مقصد ??سلام جي اصول ۽ قانونن جي پيروي ڪرڻ آهي ۽ جيئن ته ملڪ پاڪستان ??ظرياتي بنيادن تي وجود ۾ آيو ان ??اءِ ان جي آزادي، خودمختياري ۽ ٻه قومي نظريي جي تحفظ جي لاءِ ڪنهن قرباني کان ??ه ڪيٻايو ويندو. هن چيو ته پوري قوم پاڪستانين جي بانين جي ملڪ جي آزادي لاءِ ڏني ويندڙ قربانين ۽ جدوجهد کي سلام پيش ڪري ٿي.