اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيل علائقن جو جائزو وٺڻ لاءِ ملڪ گير دورا ڪري رهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اڄ خميس ڏينهن ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪندو. صدر کي ڊيره غازي خان، نصيرآباد ۽ سکر ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي. صدر ڊا??ٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي جائزو وٺندو. صدر رليف ڪئمپن جو دورو ڪندو، ٻوڏ سٽيلن ??ان ملاقات ڪندو. صدر ٻوڏ مت??ث??ين کي سهولتن جي فراهمي ۽ انهن کي درپيش مسئلا ڄاڻڻ جي لاءِ انهن ??ان ملاقاتون ڪندو. گذريل ڏينهن صدر خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ مت??ث??ين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ ڪرڻ واري ڪوششن جو جائزو وٺڻ لاءِ دورو ڪيو هو. صدر قوم ۽ عالمي برادري کي ٻوڏ مت??ث??ين جي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. صدر ايندڙ ٻوڏ کان بچاءُ ۽ ٻوڏ مت??ث??ين جي ??يز تر بحالي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو هو.