نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ نائب وز??را??ظم محمد بن س??مان عبدالعزيز السعود سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وز??را??ظم شهزاده محمد بن س??مان کي سعودي عرب جي 92 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وز??را??ظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي عرب جي ع??ام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ??ن سعودي عرب جي ڀ??ئر ع??ام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشون ظاهر ڪيون. وز??را??ظم شهباز شريف سعودي ولي عهد کي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي صورتحال ۽ امداد ۽ بحالي جي جاري ڪوششن بابت پڻ آگاهه ڪيو. وز??را??ظم ”ڪنگ سلمان هيومنيٽيرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر“ پاران ٻوڏ وارن علائقن ۾ فراهم ڪئي ويندڙ امداد ۽ امدادي سامان جي پهچ لاءِ ”فضائي پل“ جي قيام ۽ پاڪستاني ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ع??ام کان عطيي جي وصولي لاءِ سعودي عرب ۾ ”ساهم“ پورٽل شروع ڪرڻ تي خادم الحرمين الشريفين جا ٿورا مڃيا. سعودي ولي عهد پاڪستان ۾ تيز چومالسي جي برساتن ۽ غيرمعمولي ٻوڏ جي ڪري ع??ام جي قيمتي جانين جي زيان ۽ روزگار جي ذريعن ۽ ملڪيتن جي نقصان تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم پاڪستان جي لاءِ سعودي عرب جي مسلسل مدد ۽ حمايت کي ساراهيو ۽ ولي عهد کي ٻنهي ڀ??ئر ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ وسيع تر سيڙپڪاري ۽ حصيداري سان عبارت مضبوط حصيداري سميت جاري قدمن تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو قائم رکڻ تي اتفاق ڪيو.