نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته عالمي مسئلن ۽ بحرانن سان عورتون غيرمتناسب طور تي متاثر ٿيون آهن، عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي ۽ خاص طور تي موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ??يڻ جي لاءِ عورت اڳواڻن جي آواز جي وڏي اهميت آهي، پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ 650000 کان وڌيڪ حاملا عورتن جي صحت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ ”فيمنسٽ فارن ??اليسي“ جي موضوع تي هڪ تقريب کي خطاب ۾ڪيو. تقريب جو انعقاد گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ڪيو ويو. حنا رباني کر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فيمنسٽ فارن ??اليسي کي عملي شڪل ??يڻ جي لاءِ عورت اڳواڻن جي لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته عورتون تڪرارن ۽ بحران سان غيرمتناسب طور تي متاثر ٿين ٿيون، ان ڏس ۾ انهن کي اصولن سان سچي واب??تگ?? ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي. جرمني جي اهتمام هيٺ ان تقريب ۾ عورت وزيرن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي جيڪي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي لاءِ نيويارڪ ۾ موجود آهن.