اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيلن جي مدد تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ٻوڏ جهڙي مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاران امداد جي فراهم?? کي دل جي گهراين سان ساراهي ٿي، ٻوڏ سان معيشت کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿو اٽڪل 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي، پاڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ 4.6 ارب ڊالر جي موجوده ٻطرفي واپاري ڪاٿ?? کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪس??ان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪ سعودي لاڳاپا ??ڏي?? مذهب، قدرن ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ قيادت ۾ تبديلين کان هٽي ڪري مشڪل حالتن ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا، پاڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجها سياسي لاڳاپا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته موجوده واپاري ڪاٿو ٻنهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي گهرائي جي مڪمل عڪاسي نه ٿو ڪري، پاڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ 4.6 ارب ڊالر جي موجوده ٻطرفي واپاري ڪاٿ?? کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ٻوڏ جهڙي مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاران فراهم ڪئي ويندڙ امداد کي دل جي گهراين سان ساراهي ٿي. صدر ٻوڏ متاثرين کي امداد پهچائڻ جي لاءِ فضائي پل فراهم ڪرڻ ۾ سعودي عرب جي مدد کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ پوري پاڪس??ان ۾ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو، ٻوڏ ۾ 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 10 لک کان وڌيڪ چوپائي مال جو نقصان ٿيو، ٻوڏ سان معيشت کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿو اٽڪل 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي. صدر اسلامي تعاون تنظيم ۾ فلسطين، ڪشمير ۽ افغانس??ان سان لاڳاپيل معاملا اجاگر ڪرڻ تي سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيو. صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي پڻ روشني وڌي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪرائڻ، ??ڏي?? قومن جي قراردادن موجب مسئلي جي پرامن حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.