اسلام آباد ?? 05 ??? آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي سنگين ڏوهن جا الزام ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ماڻيندڙ 5 ڏوهارين جي رحم جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جا??ي بيان موجب صدر ڊاڪٽر عار?? علوي محمد شعبان ول?? محمد انور جي رحم جي اپيل رد ڪري ڇڏي، محمد شعبان کي ٽن سالن جي ٻارڙي سان زيادتي ۽ قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. محمد عمران ول?? فقير محمد جي رحم جي اپيل پڻ رد ڪئي وئي، محمد عمران گهريلو جهيڙي کانپوءِ پنهنجي زال ۽ ٻن ڌيئرن کي ڪات سان قتل ڪيو هو. صدر محمد افضل ول?? محمد اصغر علي جي اپيل پڻ رد ڪري ڇڏي آهي، محمد افضل کي والدين ۽ 6 ڀينرن ڀائرن سميت پنهنجي خاندان جي 8 ماڻهن کي قتل ڪرڻ تي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. صدر ڊاڪٽر عار?? علوي محمد اڪبر ۽ محمد اصغر ول?? محمد اڪرم جي رحم جي اپيل پڻ رد ڪري ڇڏي، محمد اڪبر ۽ محمد اصغر ٻن ماڻهن کي معمولي جهيڙي کانپوءِ قتل ڪيو هو. صدر آئين جي آرٽيڪل 45 تحت انهن اپيلن کي رد ڪيو آهي. آئين جي آرٽيڪل 45 تحت صدر ڪنهن به عدالت، ٽربيونل يا ٻي اٿارٽي پاران ڏني ويندڙ سزائن کي معاف ڪرڻ، معطل ڪرڻ يا گهٽ ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو.