ش??م الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ”ش??م الشيخ ڪلائيميٽ امپلي منٽيشن سمٽ“جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ پهچي ويو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اڄ سومر تي وزيراعظم شهباز شريف ” ش??م الشيخ ڪلائيميٽ امپلي منٽيشن سمٽ“ ۾ شرڪت جي لاءِ ش??م الشيخ انٽ??ني??نل ڪنونشن سينٽر پهتو ته مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي سي??ريٽري انتونيوگوتيرس ان جو استقبال ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف مصر ش??م الشيخ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. جتي هو سمٽ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کان علاوه گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي سي??ريٽري انتونيوگوتيرس سان ملاقات ڪندو. جنهن کان پوءِ ٻئي اڳواڻ گڏيل پ??يس ٽيڪ آئوٽ ڏيندا. وزيراعظم هڪ اهم رائونڊ ٽيبل جنهن جو عنوان ”ارلي وارننگ فار آل ايگزيڪٽو پلانز لانچ“ آهي. ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم سعودي عرب جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو سمٽ“ ۾ به شريڪ ٿيندو. وزيراعظم جي مصر جي صدر ۽ ڪويت جي امير سان ملاقاتون به متوقع آهن.