??سل??م آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 2022ع دوران تباهي آڻيندڙ ٻ??ڏ دوران ايشيا??ي ترقياتي بئنڪ جي تعاون جا ٿورائتا آهيون، ٻوڏ کانپوءِ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ بئنڪ جي وڌيڪ تعاون جا خواهشمند آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايشيا??ي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر شي زن چن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي خوشي ٿي آهي. پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻ??ڏ دوران ايشيا??ي ترقياتي بئنڪ جو ماڻهن سان تعاون ۽ يڪجهتي ساراهه جوڳي آهي ۽ اسان مستقبل ۾ ان تعاون کي جاري رکڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته ايشيا??ي ترقياتي بئنڪ جي تعاون سان ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جو ڪم جاري آهي، حصيدارن سان گڏجي اسان هڪ مضبوط موس??يا??ي ردعمل کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين.