ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) عالمي اقتصادي فورم جو 53 هون ساليانو اجلاس سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ جاري آهي، اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪري رهيو آهي. پاڪستان 20 جنوري تائين جاري رهندڙ عالمي اقتصادي فورم جي مختلف اجلاسن ?? عالمي اقتصادي اهميت جي مسئلن تي پنهنجو موقف پيش ڪ??دو. ورلڊ اڪنامڪ فورم ج?? صدر جي دعوت تي پرڏيهي وزير فورم جي سالياني اجلاس ۾ شريڪ آهي. اجلاس دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ??ياسي اڳواڻن، ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز، عالمي اد??رن جي سربراهن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي اهم شخصيتن سميت شرڪت ڪندڙ اهم شخصيتن سان به ملاقاتون ڪندا.