اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اعلان موجب پاڪستان جي پهرين ر??سڪ??و ۽ ريليف ٽيمون ترڪيءَ پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب پاڪ فو?? جي اربن سرچ اينڊ ر??سڪ??و (يو ايس اي آر) جي 33 رڪني دستي تي ٻڌل سي 130 اڄ ترڪيءَ جي شهر ادانه پهچي ويو آهي. بيان موجب ترڪ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي اي ايف اي ڊي سان گڏجي ٽيمن کي فو??ي طور تي متاثر علائقن ۾ روانو ڪيو پيو وڃي. پاڪستان يو ايس اي آر ٽيمون ۽ امدادي سامان جي مقرري سان گڏ پنهنجو بچاءُ ۽ امدادي سرگرميون جاري رکنديون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني قوم آزمائش ج?? هن گهڙيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ترڪ ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي.