ملتان – 22 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ملڪي ترقي جي ل??ءِ بي سهارا ۽ محروم ٻارن کي تعليم جي فراهمي ل??زمي آهي، تعليم سان گڏ انهن ٻارن کي هنر سيکارڻ ۽ انهن جي نشونما جي ل??ءِ مناسب خوراڪ جي فراهمي کي پڻ يقيني بڻائڻو پوندو، اجتماعي ڪوششن سان پاڪستان جي ترقي ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن خاتون اول”تاري زمين پر“ ايجوڪيشن سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. بيگم ثمينه علوي چيو ته تاري زمين پر ٽرسٽ محروم ٻارن خاص طور تي جهُڳين ۾ رهندڙن جي ل??ءِ ڪم ڪري رهيو آهي، تاري زمين پر ٽرسٽ بي ??هر ماڻهن جو سهارو بڻجي رهيو آهي ۽ انهن کي ڇت جي فراهمي جي ل??ءِ ڪم ڪري رهيو آهي، ٽرسٽ 250 ٻارن جي تعليم ۽ 29 خاندانن کي ??هر فراهم ڪرڻ کانسواءِ ضرورتمند ماڻهن کي ماهوار راشن ۽ اسپتالن ۾ کاڌو فراهم ڪري نيڪ ڪم ۾ حصو وٺي رهيو آهي، انهن خاندانن جا 200 کان وڌيڪ ٻار اڳ کان تعليم پرائي رهيا آهن هاڻي ان ۾ وڌيڪ 36 خاندانن جو اضافو ٿيو آهي، اها ڳالهه ساراهه جوڳي آهي ته توهان انهن ماڻهن جي ل??ءِ نه رڳو رهائش پر انهن جي ٻارن جي تعليم جو بندوبست پڻ ڪري رهيا آهيو. توهان بي ??هر ۽ بيروزگار ماڻهن جي ل??ءِ 36 ??هر ٺاهڻ جو مشن شروع ڪيو آهي اهو هن معاشري ۾ بهتري آڻڻ جي ل??ءِ هڪ سٺي ڪوشش آهي. الله تعاليٰ انهن کي ان نيڪ ڪم جي ل??ءِ اجر عظيم عطا ڪري. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته محروم ٻارن جي ل??ءِ سرنديءَ وارا ماڻهو جيترو خرچ ڪري سگهن ٿا ڪن، سڀني کي گذارش ڪريان ٿي ته غور ڪن ته اسان پنهنجي معاشري ۾ پٺتي پيل ٻارن جي مدد جي ل??ءِ ڇا ٿا ڪري سگهون، آئ??ن سمورين فلاحي تنظيمن ۽ معاشري جي خوشحال ۽ سرندي وارن ماڻهن کي اپيل ڪريان ٿي ته اهي پنهنجو وقت ۽ وسيلا انهن ٻارن جي ڀلائي ل??ءِ عطيو ڪن، جيڪڏهن اسان مان ڪير ٿوري ٿوري به مدد ڪري ٿو ته ان سان انهن ٻارن جي زندگي تي تمام مثبت اثر پئجي سگهن ٿا. ثمينه عارف علوي چيو ته محروم ٻارن کي تعليم کان آگاهي ڏيڻ گهرجي ۽ ان جي ل??ءِ تعليم جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي جڏهن ته عورتن کي بااختيار بڻائڻو پوندو. ثمينه عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ ذهني صحت جا ڪيترائي مسئلا آهن ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان وٽ 24 سيڪڙو ماڻهو ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن، پوري ملڪ ۾ 400 کان 500 ماهر نفسيات آهن، اسان سڀني کي گڏجي ذهني دٻاءُ جي مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اجتماعي ڪوششن سان پاڪستان ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي. بيگم ثمينه عارف علوي ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ لاچار ٻارن ۽ بيواهن کي ڇت فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ تعمير ڪئي ويندڙ دارالسڪون شيلٽر هوم?? فيز ٽو جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. ان موقعي تي تاري زمين پر ٽرسٽ جو باني ڪاشف رياض ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فاديه ڪاشف پڻ موجود هئا.