اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق زرداري هائوس ??سلام آباد ۾ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ??رداري سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن آزاد ڪشمير حڪومت کي درپيش معاشي مسئلن، اي??دڙ بجيٽ ۽ آزاد ڪشمير جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزير حڪومت راجا فيصل ممتاز راٺور پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. زرداري هائوس ??چڻ تي وزيراعظم چوڌري انوارالحق کي پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري محمد ياسين ڀليڪار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رداري ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ?? سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي تي عالمي ڪوششن کي تيز ڪيو ويندو ته جيئن ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏياري سگهجي.