اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??يو آهي ته اسان کي صحافين ۽ سياسي پارٽي جي ترجمانن ۾ فرق ڪرڻو پوندو، جيڪو صحافي سياسي پارٽين ۾ شامل ٿي وڃي اهو صحافي جي حقن جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي. اها ڳالهه هن برطانوي صحافي سڪندر ڪرماڻي سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير ??يو ته ڪنهن هڪ صحافي جو نالو ٻڌايو جيڪو اسان جي حڪومت ۾ گم ٿيو هجي، ان کي گولي هنئي وئي هجي، اغوا ڪيو ويو هجي يا ان جون پاسراٽيون ٽوڙيون ويون هجن. صحافي جي سوال تي هن ??يو ته عمران رياض صحافي نه، سياسي پارٽي جو ترجمان آهي، جيڪو صحافي سياسي پارٽين جي ترجماني ڪري يا تشدد کي هوا ڏي ته ان کي انهن صحايفن سان نه ملايو وڃي جيڪي صحافت جي آزادي تي يقين رکن ٿا. هڪ سوال تي وفاقي وزير ??يو ته عمران خان کي ان جي دور ۾ عالمي صحافتي تنظيم ميڊيا پريڊي??ر جو خطاب ڏنو جڏهن ته شهباز شريف جي دور ۾ پاڪستان جي ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ 7 درجا بهتري آئي، عمران خان پنهنجي دور ۾ صحافين کي گرفتار ڪرايو، انهن جو آواز بند ڪيو، انهن جا هلندڙ پروگرام بند ڪيا، ٽي وي چينلز بند ڪيا جڏهن ته اسان جي دور ۾ سمورا ٽي وي چنلز هلي رهيا آهن، هر اينڪر کي ڳالهه ڪرڻ جي آزادي آهي، ڪنهن جي آواز کي ناهي دٻايو ويو، ڪنهن هڪ صحافي جو نالو ٻڌايو جنهن جو آواز دٻايو ويو هجي؟ مريم اورنگزيب ??يو ته ڪو به شخص گم ٿيو هجي ته اسان ان جي مذمت ڪئي آهي. عمران رياض جي خلاف عدالتن ۾ ڪيس?? ٻڌڻي هيٺ آهن. هن ??يو ته اسان جي حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي فروغ جي ڪري ئي ميديا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي ۾ بهتري ٿي آهي.