اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪل جماعتي حريت ڪانفر??س جي ڪنوينر محمود احمد ساغر جو خط پرڏيهي وزارت کي موڪليندي پرڏيهي وزارت کي والاريل سرينگر ۾ ٿيندڙ جي 20 سربراهي اج??اس جي پـٺيان ڀارتي ارادا بي نقاب ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پرڏيهي وزارت تڪراري علائقي ۾ اج??اس منعقد ڪرڻ جي پٺيان ڀارت جي ڪڌي ۽ لڪل ارادن کي بي نقاب ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر جي نالي خط ۾ محمود احمد ساغر سرينگر ۾ جي 20 ملڪن جي ميمبرن جو اج??اس گهرائڻ تي پاڪستان جو فوري ڌيان طلب ڪيو هو. حريت ڪانفر??س جي ڪنوينر پنهنجي خط ۾ چيو ته اهو قدم نئين دهلي جي گهڻ رخي ۽ گهڻ رخي محاذ مهم جو حصو آهي، ڀارت تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير بابت ابهام پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڀارت ڪشمير جي عالمي ۽ قانوني حيثيت کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اهو ته ڀارت ان تصور کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪشمير ان جو اندروني معاملو آهي. حريت ڪانفر??س جي ڪنوينر چيو ته ڀارت دنيا جو ڌيان اصل مسئلي تان هٽائڻ ۽ زميني حقيقتون لڪائڻ چاهي ٿو. محمود احمد ساغر صدر جي نالي پنهنجي خط ۾ چيو ته گڏيل قومن ۽ ٻين علائقائي ۽ عالمي فورمن تي پاڪستان پاران وڏي سفارتي ڪوششن جي ضرورت آهي، ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪندي 2019ع جي هڪطرفي طور تي ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي تبديل ڪيو، ڀارت دنيا ۽ جي 20 ملڪن کي يقين ڏيارڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته والاريل علائقي ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. حريت ڪانفر??س جي ڪنوينر چيو ته مودي حڪومت تڪراري علائقي ۾ نئين دهلي ۾ مقرر پرڏيهي سفيرن جي دورن جو اهتمام ڪيو، دورن جو م??صد دنيا کي باور ڪرائڻ هو ته ڪشمير ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان 22 کان 24 مئي تي سرينگر ۾ جي 20 ٽوئرازم ورڪنگ گروپ جي ميٽنگ منعقد ڪرڻ جي ڀارت جي فيصلي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، اميد آهي ته پاڪستان ڀارتي سازشن ??ي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي سياسي ۽ سفارتي طاقت کي موثر طريقي سان استعمال ڪندو.