اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) مالي سال 23 -2022ع دوران وفاقي حڪومت هائير ايجوڪيشن ڪميشن، يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن کي جاري ترقياتي منصوبن لاءِ 42.9 ارب روپيا جاري ڪيا، وفاقي ۽ صو??ائي حڪومتن طرفان مجموعي طور تي جي ڊي پي جو 1.7 سي??ڙو خرچ ڪيو ويو. مالي سال 23 -2022ع جي جاري اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ويو ته ليبر فورس سروي (ايل ايف ايس) 21 -2020ع موجب خواندگي جي شرح 62.8 سي??ڙو رهي جيڪا 19 -2018ع ۾ 61.4 سي??ڙو هئي. عورتن جي خواندگي شرح 51.9 سي??ڙو جي ڀيٽ ۾ مردن جي خواندگي جي شرح 73.4 سي??ڙو رهي. شهري ۽ ٻهراڙي ۾ خواندگي جي شرح ۾ بهتري آئي آه??. ٻهراڙي جي علائقن ۾ اها 53.7 سي??ڙو کان وڌي 54 سي??ڙو جڏهن ته شهري علائقن ۾ اها 76.1 سي??ڙو کان وڌي 77.3 سي??ڙو پهچي وئي آه??. تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ وفاقي ۽ صو??ائي سطح ت?? ڪيترائي قدم کنيا ويا آه?? ته جيئن گڏيل قومن جي ايس ڊي جيز گول چار کي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿئي.