اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن خصوصي اقتصادي زون جي پيڙهه جو پٿر رکي سڄي ملڪ ۾ راندين جي ??رق?? ۽ نوجوانن کي راندين ۾ عالمي معيار جي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ وزيراعظم يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جو آغاز ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم يوٿ اسپورٽس ??رق??اتي قدمن تحت وزيراعظم پاڪستان ۾ راندين کي عالمي مقابلن جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ راندين جي ??رق?? ۽ رانديگرن جي لاءِ اسپورٽس انڊوومنٽ فنڊ جاري ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي، به??ري?? ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن جي مدد لاءِ ايليٽ اسپورٽس پرسن ڊيولپمينٽ پروگرام ۽ مقامي رانديگرن سان گڏو عالمي سطح تي تيزي سان س??رت ماڻيندڙ اي – اسپورٽس ??ي فروغ جا قدم پڻ جاري ڪندو. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم اڄ اسلام آباد ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي موبائيل فونز جي لاءِ عاضي رجسٽريشن نظام جاري ڪندو. سمنڊ پار پاڪستانين جي نشاندهي تي انهن جي پاڪستان ۾ قيام دوران ذاتي موبائيل فون تي ٽيڪس جي مدي کي 3 مهينن مان وڌائي 120 ڏينهن ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي لاءِ هڪ خودڪار نظام جاري ڪيو پيو وڃي جيڪو انهن جي آءِ ايم اي آئي کي پاڪستان جي عارضي دورن جي دوران بلاڪ ٿيڻ ۽ انهن کي اضافي ٽيڪس جمع ڪرائڻ کان بچائيندو. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو. وزيراعظم اڄ اسلام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکندو. اسلام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملڪ جي صنعتي ??رق?? جي ويزن موجب ملڪ جي اترئين حصي ۾ مقامي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي صنعتون قائم ڪرڻ جو موقعو ڏيندو. ان خصوصي زون سان روزگار جا 10 هزار کان وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندي. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.