اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پنجره پل جي بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. پنهنجي هڪ ٽ??ئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پنجره پل جي بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي ان سلسلي ۾ هڪ مثبت اڳڀرائي آهي ته عرصي کان معطل وڏي ٽريفڪ کي گ??ارڻ لاءِ ڪنڪريٽ جو متبادل پل مڪمل ٿي ويو آهي ?? ٽريفڪ گذرڻ شروع ٿي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته هن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي هدايتون ڏنيون ته پنجره پل جو اصل پل به جلد کان جلد بحال ڪيو وڃي ته جيئن ڪوئيٽا ۽ جيڪب آباد وچ ۾ سفر ڪندڙن کي سهولت ملي سگهي.