لنڊن – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز جي ڏهين ا??لاس جي موقعي تي لنڊن ۾ سريلنڪا جي يوٿ افيئرز اينڊ اسپورٽس جي وزير روشن رانا سنگا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻ??هي وزيرن نوجوانن جي ترقي جي گڏيل موقعن ۽ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ا??واڻن راندين ۽ تعليم جي شعبن ۾ خصوصي طور تي ٻطرفي تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نوجوانن جي معاملن ۾ اڳ ۾ ئي تعاون جاري آهي جنهن کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي ٿو.