اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي و??ير مدد علي سنڌي پاڪستان ۾ فن لينڊ جي سفير هنوريپاٽي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وفاقي و??ير وفد جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي ڏي وٺ پاڪستان ۾ مو??ود?? ادارن کي اپ گريڊ ڪري سگهي ٿو. وفاقي و??ير ۽ سفير نيشنل اسڪلز يونيورسٽي ۾ هڪ سينٽر آف ايڪسيلينس جي قيام تي اصولي طور تي اتفاق ڪيو جيڪو فن لينڊ جي ٽورڪو ميونسپلٽي جي مدد سان ڪنسٽرڪشن، آءِ ٽي، ٽيچرز ٽريننگ ۽ انجنيئرنگ اسٽڊيز کان علاوه هوٽل ۽ ريسٽورينٽ انڊسٽريءَ تي ڌيان ڏيندو. اهڙيءَ طرح فن لينڊ جي ٽورڪو ميونسپلٽي جي سهڪار سان پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ٽوئر ارزم اينڊ هوٽل مئنجمينٽ ۾ هڪ سينٽر آف ايڪسيلينس قائم ڪيو ويندو. وفاقي و??ير چيو ته غير رسمي تعليم جي شعبي ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي، اسلام آباد پاڪستاني نوجوانن کي فني مهارتون فراهم ڪري رهي آهي جنهن کي مو??ود?? ۽ پرڏيهه ملڪ ۾ ڪم ڪ??دڙ خواهشمند پاڪستاني نوجوانن لاءِ اسڪلر لرننگ سينٽر طور تي وڌائي سگهجي ٿو. سفير وفاقي و??ير کي فن لينڊ ۽ پاڪستان حڪومت وچ ۾ جاري تعاون جي باري ۾ ٻُڌايو ته هو پهريان ئي نيوٽيڪ ۽ نسٽ ۾ پيشوراڻي تربيت فراهم ڪري رهيا آهن. سفير وفاقي و??ير کي ٻُڌايو ته فن لينڊ جون 2 يونيورسٽيون پهرين ئي انهن ادارن کي فني ۽ انساني مهارت فراهم ڪري رهي آهي. هن وفاقي و??ير کي ٻُڌايو ته تقريبن 500 ماڻهو اڳ ئي تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. هن ٻُڌايو ته فن لينڊ جي حڪومت جي مدد سان نيو ٽيڪ اڳ ئي هوٽل ۽ ريسٽورينٽ مئنجمينٽ نگرانيءَ هيٺ هڪ سال ڊپل??ما ڪورس کي 3 ساله ڪورس ??ائ??ن وڌائي ڇڏيو آهي.