اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي حڪم جي خلاف ايئر يونيورسٽي جي درخواست رد ڪندي ڪورونا جي ڪري بي ايس ڊگري جي باقي ڪورسز مڪمل ڪرڻ کان قاصر ??هندڙ شاگردياڻين کي پنهنجي ڊگري مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اضافي سال ڏيڻ جي معاملي تي نظرثاني ڪرڻ جي هد??يت ڪري ڇڏي. صدر يونيورسٽي پاران شاگردياڻي جي ڪيس تي وقت سر ڪارروائي نه ڪ??ڻ تي جو ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي پاليسي ۽ يونيورسٽي قاعدن ۾ توسيع ڏئي اهڙا مسئلا حل ڪرڻ جون شقون موجود آهن. يونيورسٽي وٽ ايڇ اي سي جي پاليسي ۽ سفارشن کان انحراف ڪرڻ جو ڪو سبب نه آهي. هن چيو ته يونيورسٽي بدانتظامي جي درستگي بدران عوا??ي خزاني ۽ شاگردياڻي جي وقت جي زيان کي نظر ۾ رکڻ کانسواءِ محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪئي. صدر ايئر يونيورسٽي تي زور ڏنو ته شاگردياڻي جي لگن، محنت ۽ سرمائي کي ضايع نه ٿيڻ ڏنو وڃي ۽ سمورن شاگردن خاص طور تي شاگردياڻين جي مدد ۽ رهنمائي جي لاءِ قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايئر يونيورسٽي جي اقراءِ منير نالي شاگردياڻي وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي ته هوءَ ايئر يونيورسٽي سان واڳيل ڪاليج ۾ سائيڪالوجي پروگرام بيچلر آف سائنس (آنرز) جي شاگردياڻي آهي، هن ڪورونا ۾ مبتلا هجڻ جي ڪري 2020ع ۾ ڊگري مڪمل نه ڪ??ي سگهي هئي. ڊگري مڪمل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اضافي سال جي لاءِ يونيورسٽي سان رابطو ڪرڻ تي شاگردياڻي کي ايڇ اي سي سان رابطو ڪرڻ جو چيو ويو. ايڇ اي سي مجاز اٿارٽي کي ميڊيڪل هسٽري ۽ يونيورسٽي قاعدن کي نظر ۾ رکندي توسيع جي معاملي تي غور ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي پر هڪ سال گذري وڃڻ جي باوجود توسيع نه ملڻ تي شاگردياڻي وفاقي محتسب کي درخواست ڏني هئي. وفاقي محتسب ايئر يونيورسٽي کي اقراءَ منير جو ڪيس يونيورسٽي جي فنڪشنل ڪميٽي آڏو نظرثاني جي لاءِ رکڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن جي خلاف يونيورسٽي صدر ??ي درخواست داخل ڪئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته يونيورسٽي ايڇ اي سي جي سفارشن تي عمل نه ڪيو ۽ ڪنهن مجاز اٿارٽي آڏو نه رکيو، شاگردياڻي ڪورونا جي ڪري بيمار هئي، ڊگري مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اضافي وقت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪرڻي پئي. صدر ??يو ته ايڇ اي سي پاليسي موجب ڊگري مڪمل ڪرڻ جو مدو 6 سال آهي جيڪو منظوري کانپوءِ هڪ سال تائين وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن شاگردياڻي جو ڪيس وقت تي ڪميٽي آڏو رکيو وڃي ها ته مسئلو حل ٿي سگهيو پئي پر ائين نه ڪيو ويو، يونيورسٽي پنهنجي بدانتظا??ي ختم ڪرڻ بدران وقت ۽ وسيلن جو زيان ڪيو. صدر وفاقي محتسب جي حڪم جي خلاف ايئر يونيورسٽي جي درخواست رد ڪندي هد??يت ڪئي ته وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ايڇ اي سي جي پاليسي ۽ سفارشن موجب شاگردياڻي کي سهولت ڏني وڃي.