اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 3 نومبر تي پسني بلوچستان ۾ حملي جي شهيدن جي پونئيرن ??ان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي ايثار جي جذبي تي انهن کي سلام پيش ڪيو. هن شهيدن جي وطن جي ل??ءِ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر صوبيدار عبيدالله، نائيڪ محمد سجاد ۽ شهزاد قمر جي وارثن ??ان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي شهباز، فيض الرحمان ۽ زاهد حسين جي پونئيرن ??ان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي حمزه ظهير، محمد امين، شبر حسين ۽ سيد مبارڪ شاهه جي وارثن ??ان پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 12 نومبر تي مير علي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپا??ي عبدالله کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا ۽ شهيدن ??ي درجن جي بلندي ل??ءِ دعا پڻ ڪئي. صدر پونئيرن ??ان همدردي جو اظهار ۽ صبر جميل ??ي دعا ڪئي.