دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيڌرلينڊ جي ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل ت??دي?? توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ کي گڏيل دلچسپي جي م??ام??ن تي ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ذريعي گڏجي ڪم ڪرڻ گ??رج??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ دبئي ۾ 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) جي موقعي تي نيڌرلينڊ جي وزيراعظم مارڪ روٽي سان ملاقات ڪئي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي اها ٻي ملاقات هئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي م??ام??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني حقن جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي سربراهن هن سال ٻنهي ملڪن جي سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ۽ دي هيگ ۾ من??قد ٿيندڙ تقريبن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ کي گڏيل دلچسپي جي م??ام??ن تي ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ذريعي گڏجي ڪم ڪرڻ گ??رج??. هن ڊچ ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل ت??دي?? توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ هالينڊ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضافي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم ڪوپ – 28 جي حوالي سان بهتر نتيجن جي اميد جو اظهار ڪيو. هن چيو ته گهٽ ڪاربن خارج ڪندڙ ملڪن مان هڪ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي جي خطرن جو شڪار آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيڌرلينڊ جي وزيراعظم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.