اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري ??و اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون جي روشني ۾ پنهنجي حڪمت عملي جوڙيندي، اسان اليڪشن ڪميشن کان پڇاڳاڇا نٿا ڪري ??گهون ۽ نه وري نگراني ڪري ??گهُون ٿا، حقيقت ۾ اليڪشن ڪميشن نگران حڪومت جي نگراني ڪندي آهي. اليڪشن ڪميشن پاران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ جو واحد ذميوار آ??ين?? ادارو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي اليڪشن ڪميشن کان شڪايت آهي ته اه?? اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري ??گهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري ??و اختيار حڪومت وٽ نه آهي پر اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، رٽرننگ آفيسرن جي مقرري ??ي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ئي ٻڌائي سگهي ٿي?? حڪومت وٽ اهڙي مقرري ??و ڪو اختيار نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي اندر آ??ين?? حڪومت آهي، اسان آ??ين?? عمل جي پيداوار آهيون، آئين جي آرٽيڪل 19 ۽ 19 (اي) تحت هر هڪ کي اظهار جي آزادي جو حق حاصل آهي، ميڊيا آزاد آهي ان تي ڪنهن به قسم جي پابندي نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سڀني رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري ??هيا آهيون، سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي تنقيد جو حق حاصل آهي.