اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غزه جي پٽيءَ ۾ نسل ڪشي جي ڏوهه جي روڪٿام ۽ سزا بابت انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ??هو هڪ بهترين فيصلو آهي، اسرائيل کي فوري طور تي غزه ۾ معصوم شهرين جي نسل ڪشي ۽ رتوڇاڻ کي روڪڻو پوندو. هن آءِ سي جي جي فيصلي کي سا??اهيو جنهن ۾ اسرائيل کي غزه ۾ فلسطينين طرف نسل ڪشي ڪنوينشن تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ، نسل ڪشي ڪنوينشن جي آرٽيڪل II جي دائري ۾ ايندڙ سمورين ڪار??وا??ن کي روڪڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ ۽ غزه ۾ فلسطينين کي فوري طور تي گهربل ”بنيادي خدمتون ۽ انساني امداد) جي فراهمي جو چيو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته ??ن فيصلي اسرائيل پاران ڪيل غيرانساني ڪار??وا??ن ۽ ڏاڍ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ??سرائيل عورتن، ٻارن ۽ اسپتالن کي نشانو بڻائي انسانيت جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون ۽ خوراڪ جي لاءِ قطار ۾ بيٺل ماڻهن کي پڻ نه ڇڏيو. صدر عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي ٻين ادارن خاص طور تي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو ته ??ها غزه ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ قدم کڻي ۽ اسرائيل کي فلسطين ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ کان روڪي. صدر نسل ڪشيءَ جي ڪار??وا??ن تي اسرائيل کي جوابده قر??ر ڏيڻ جي لاءِ ڏکڻ آفريقا پاران معاملو انصاف جي عالمي عدالت ۾ کڻي وڃڻ جي جرئتمنداڻي موقف کي سا??اهيو.