اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگران حڪومت هڪ سياسي پارٽ?? جي ٽرول برگيڊ پاران سينيئر صحافي غريده فاروقي کي هراسان ڪرڻ جي بدنيتي تي ٻڌل مهم تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابط?? جي پليٽ فارم ??اي??س“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ماڻهن جي گهرن جو ڏس پتو ۽ پر??ئيويٽ فون نمبرز ليڪ ڪرڻ تشدد ۽ هراسان ڪرڻ جي برابر آهي جنهن کي قطعي طور برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته لاڳاپيل عملدار ان معامل?? جي جاچ ڪري رهيا آهن، جوابدار ۽ انهن جا هينڊلرز قانون موجب سزا کان نه بچي سگهندا.