اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پن??ون اجلاس 5 مارچ تي اوٽاوا ۾ ٿيندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ٻطرفي سياسي مشاورت ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل ??رڏيهي سيڪريٽري (آمريڪا) س??ير مريم آفتاب ڪندي جڏهن ته ڪينيڊين وفد جي قيادت ڪئناڊا جي انڊو پيسفڪ جو نائب وزير ويلڊن ايپ ڪندو. ترجمان چيو ته ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.