اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خصوصي س??ڙپ??اري سهولت ڪائونسل جي خصوصي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ اڳوڻي نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، چيف آف آرمي اسٽاف، موجوده ۽ اڳوڻن نگران و??يرن، وڏن ??زيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي نگران ڪابينا جي ميمبرن جي موجودگي ۾ نئين وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي. ڪميٽي کي خصوصي س??ڙپ??اري سهولت ڪائونسل جي س??ڙپ??اري، نجڪاري ۽ ملڪ جي مجموعي مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام جي حوالي سان قدمن ۽ نمايان ڪردار جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. ڪميٽي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ جون 2023ع جي خصوصي س??ڙپ??اري سهولت ڪائونسل قائم ??رڻ جي قدم کي ساراهيو جيڪا هاڻي پاليسي سازي جي جوڙجڪ جي مرحلي ۾ د??خل ٿي چڪي آهي. اڳوڻي نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف، ڪابينا ۽ وڏن ??زيرن کي نيون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي پاڪستان کي درپيش اقتصادي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ پاڪستان کي دنيا جي بهترين معيشتن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. چيف آف آرمي اسٽاف حڪومت جي اقتصادي قدمن ۾ هٿياربند فوج پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن ملڪ کي ان جي حقيقي پوٽينشنل موجب آڻڻ جي لاءِ محفوظ ۽ سازگار ماحول جي فراهمي جي خاطري پڻ ڪرائي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته خصوصي س??ڙپ??اري سهولت ڪائونسل مشڪل وقت ۾ اڳتي وڌڻ جو هڪ رستو آهي ۽ ملڪ جي خدمت جي لاءِ ماضي جي ڀيٽ ۾ هڪ پختي عزم جي ضرورت آهي. هن وفاقي ڪابينا تي زور ڏنو ته اها گڏجي سياسي اختلافن کي مٿانهون رکي اقتصادي استحڪام جي لاءِ هڪ ٽيم بڻجي ڪم ڪن. هن و??يع تر قومي اقتصادي ايجنڊا جي تسلسل تي نگران حڪومت جا پڻ ٿورا مڃيا.