اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي سهڪار، ترقي ۽ ترقي لاءِ توانائي جي حوالي سان عالمي اقتصادي ??ورم (ڊبليو اي ايف) جي ٻن ڏينهن واري خاص اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گذريل ڏينهن ڇنڇر تي سعودي عرب ??ي گادي ??اري شهر رياض پهچي ويو. وزيراعظم کي عالمي اقتصادي ??ورم جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت سعودي عرب ??ي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان آل سعود ۽ عالمي اقتصادي ??ورم جي باني ۽ ايگزيڪيوٽو چيئرمين پروفيسر ڪلائوس شواب طرفان ڏني وئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان گذريل ڏينهن جاري هڪ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي، ته وزيراعظم سان وفد ۾ ڪابينه جا اهم ميمبر پڻ شامل هوندا. ان موقعي تي عالمي اڳواڻن سان گڏ ملاقاتن دوران وزيراعظم صحت، مالياتي ٽيڪنالوجيز، انفارميشن ٽيڪنالاجي، جامع ترقي، علائقائي سهڪار ۽ عالمي ترقي لاءِ توانائي جي متوازن ۽ جٽادار استعمال جي حوالي سان پاڪستان ج?? موقف دنيا آڏو رکندو. عالمي اقتصادي ??ورم جي ان خاص اجلاس جي موقعي تي سندس عالمي اڳواڻن، عالمي ادارن ج?? سربراهن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ٻه طرفين ملاقاتن جا ب?? امڪان آهن. عالمي اقتصادي ??ومر طرفان جاري هڪ پريس پڌرائي ۾ چيو ويو آهي، ته ڪاروباري شعبي، حڪومت ۽ تعليمي ادرن سان واڳيل اٽڪل هڪ هزار اڳواڻ عالمي سهڪار، اوسر ۽ ترقي بابت توانائي تي خاص اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. 28 کان 29 اپريل تائين منعقد ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ تيزي سان بگڙجندڙ جاگرافيائي، سياسي ۽ اقتصادي ??احول کي درپيش چئلينجن ج?? وچ ۾ عالمي سطح تي ترقي جي بحالي لاءِ نون رستن تي ڌيان ڏنو ويندو. واضح رهي ته گذريل سال جنيوا، سوئٽزرلينڊ ۾ منعقد ٿيل افتتاحي گروٿ سمٽ جي بنياد تي هي اجلاس 28-29 اپريل تي رياض، سعودي عرب ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ٽن موصعن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. جن ۾ عالمي سهڪار جي بحالي، جامع ترقي لاءِ هڪ جامع ۽ ترقي لاءِ توانائي تي عمل کي متحرڪ ڪرڻ شامل هوندو. فورم کان اتر ۽ ڏکڻ جي ورهاست کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي جيڪو اڀرندڙ اقتصادي ??اليسين، توانائي جي منتقلي ۽ جاگرافيائي سياسي مسئلن سبب وڌيڪ وسعت اختيار ڪري چڪو اهي. اجلاس جي پروگرام ۾ ڪيترائي عالمي مسئلا به شامل هوندا. ٻن ڏينهن واري خاص اجلاس جي موضوعن ۾ جاگرافيائي سياسي هلچل، خاص طور تي يوڪرين ۽ غزه جا تڪرار شامل آهن. عالمي سطح تي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ اقتصادي ترقي ۽ ملازمتن ج?? تخليق جي نون قسمن ج?? وضاحت ۽ ڊيزائن، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي ترقي، سپلاءِ چينز جي نئين سر تنظيم ۽ هڪ منصفاڻو ۽ جٽادار توانائي جي منتقلي کي اڳيان وڌائڻ جي ضرورت آهي.