اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جرمني سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پا??ست??ن ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ اض??في جا وسيع امڪان موجود آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ متبادل توانائي، صنعت، معدنيات، آءِ ٽي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آ??يون. اهڙن خيالن جو اظهار هن جرمني جي اين جي او گلوبل بريجز، برلن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ گلوبل بريجز جو چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽرز هينس ايلبرت، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نڪولس البرچٽ ۽ جرمني سان تعلق رکندڙ ڪاروباري ماڻهو ۽ سيڙپڪار شامل هئا. ملاقات ۾ پا??ست??ن ۾ جرمني جو سفير الفريڊ گرينيس، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻ?? تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. وفد پا??ست??ن جي ڪاربن ڪريڊٽ ما??ڪيٽ ۽ موسمياتي تبديلي ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن جرمني سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پا??ست??ن جرمني کي يورپ ۾ پنهنجو هڪ اهم حصيدار تصور ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موجوده سطح کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ اض??في جا وسيع امڪان موجود آهن، پا??ست??ن ۽ جرمني جي وچ ۾ صنعت، متبادل توانائي، معدنيات، آءِ ٽي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آ??يون، پا??ست??ن مان ڪاربن اخراج جي شرح انتهائي گهٽ هجڻ جي باوجود اسان ما??ولياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهيون، متبادل توانائي، موسمياتي تبديلي، زراعت ۽ غذائي تحفظ جي حوالي سان جرمني جي تجربي مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا، پا??ست??ن جي افرادي قوت کي معياري تربيت فراهم ڪري انهن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي ته جيئن اهي ٻاهرئين ملڪ به پنهنجو هنر ڏيکاري سگهن. وزيراعظم ملاقات ۾ وفد سان جرمن زبان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن تي وفد جا شرڪت ڪندڙ دنگ رهجي ويا ۽ وزيراعظم جي جرمن زبان تي عبور تي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا. جرمن وفد جي سربراهه وزيراعظم جي جرمن زبان ۾ ڳالهه ٻولهه تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.