راولپنڊي-10 جون(اي پي پي) لڪي مروت ضلعي ۾ بارودي سنگهه جي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ڪيپٽن محمد فراز الياس، صوبيدار ميجر محمد ??ذي??، لانس نائيڪ محمد انور، لانس نائيڪ حسين علي، سپاهي اسد الله، سپاهي منظور حسين ۽ سپاهي راشد محمود جي جنازي نماز بنون ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور، ح??ضر سروس آفيسرن، جوانن ۽ عوام شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن جا مڙهه اباڻي علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا ??تي کين مڪم?? فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر شهيدن جون اهي قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ سگهه ڏين ٿيون.