آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربا??يج??ن جي وچ ۾ معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فرو?? ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان انهن ملڪن سان معيشت، توانائي، سياحت، موسميات، ثقافت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فرو?? ڏيڻ تي يقين رکي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربا??يج??ن جي وچ ۾ ٽه ڌريي ڳ??لهه ٻولهه جو دور ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ آذربا??يج??ن جي صدر الهام علي يوف شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ دنيا جي ٽن اهم خطن جي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي تفصيلي ڳ??لهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ خوشحالي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ پائيدار معاشي ترقي جي واڌويجهه جي لاءِ علائقائي تعاون جي فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳ??لهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ترڪيه ۽ آذربا??يج??ن سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فرو?? ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستان ترڪيه ۽ آذربا??يج??ن سان معيشت، توانائي، سياحت، موسميات، ثقافت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فرو?? ڏيڻ تي يقين رکي ٿو. ان کان اڳ ٽنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٽه ڌريي ڳ??لهه ٻولهه جو دور ٿي چڪو آهي.