آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامو فوبيا، ماحولياتي تبديلين، تڪرارن ۽ وبائي مرضن جي سماجي ۽ اقتصادي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زور ڏنو آه?? ۽ چيو آه?? ته اسان سڀ گڏجي خوداراديت، خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ عدم مداخلت جو احترام ڪندي هڪ منصفاڻو ۽ پرامن عالمي نظام جوڙي سگهون ٿا. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته هن ايس سي او ??لس سربراهي اجلاس کي خطاب ڪيو جنهن ۾ تڪرارن کي ح?? ڪرڻ، نسل ۽ مذهب جي بنياد تي نفرت ۽ امتيازي سلوڪ جي ح??صلا شڪني جي ضرورت تي ڌيان ڏنو. اسلامو فوبيا ماحولياتي تبديلين ۽ تڪرارن ۽ وبائي مرضن جي سماجي ۽ اقتصادي آفٽر شاڪس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان کي گهڻ رخي جي ذريعي عزم ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن فلسطين ۾ فوري امن قائم ڪرڻ ۽ اسرائيلي ڏاڍ جي خاتمي تي زور ڏنو. گڏيل قومون سمورن پراڻي تڪرارن ج?? پرامن حل جي لاءِ پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي، پاڪستان گهڻ رخي جي لاءِ پرعزم آه?? ۽ 25 – 2024ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، اسان سڀ گڏجي خوداراديت، خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ عدم مداخلت جو احترام ڪندي هڪ منصفاڻو ۽ پرامن عالمي نظام جوڙي سگهون ٿا.