اسلام آباد – 11 – جولائي (??ي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ منصوبن جي جلد تڪميل تي زور ڏيندي چيو آهي ته صو??ي جون پاڻي ضرورتون پوريون ڪرڻ، زراعت جي فروغ ۽ غذائي تحفظ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي تعاون سان ڪڇي ڪينال جي جلد تڪميل ضروري آهي، صو??ائي حڪومت بلوچستان جي ترقي ۽ عوامي خوشحالي جي لاءِ موثر قدم کڻي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير صدر کي صو??ي جي مجموعي صو??تحال بابت آگاهه ڪيو. وڏي وزير صدر کي صو??ي ۾ امن امان جي صو??تحال بابت ٻڌاي??. ب??وچستان جي وڏي وزير صدر کي عوامي ڀلائي جي لاءِ صو??ي ۾ جاري ترياتي منصوبن تي بريفنگ ڏني. صدر صو??ي ۾ جاري منصوبن ۽ امن امان جي لاءِ صو??ائي حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.