اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان فلسطيني سياسي ڌڙن پاران بيجنگ ۾ ”??تح??د جي پڌرنامي“ جي آجيان ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ڪيو. هن ??امقصد ڳالهين جي لاءِ فلسطيني سياسي ڌڙن کي گڏ ڪرڻ ۾ چي?? جي ڪردار کي تسليم ڪندي ان کي ساراهيو. ترجمان چي?? ته فلسطيني عوام خاص طور تي غزه ۾ جاري جنگي ڏوهن ۽ اسرائيلي قابض فوج پاران عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي جي ڏس ۾ فلسطيني عوام جي وچ ۾ ??تح??د انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چي?? ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها غزه ۾ جاري غيرقانوني ۽ مسلسل جارحيت جي خاتمي جي لاءِ فوري مداخلت ڪري. ترجمان چي?? ته اسان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي تسليم ٿي?? حق حاصل ڪرڻ، انهن ??ي فلسطين ۾ واپسي جي حق ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي واري شهر طور هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا.