اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۽ او??ان جي وچ ۾ مسقط ۾ هلندڙ هفتي ٻطرفي سياسي مشاورت جو اٺون اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (وچ اوڀر) سفير شهريار اڪبر خان ۽ او??ان جي پرڏيهي و??ار?? ۾ جي سي سي ۽ ريجنل نيبرهوڊ ڊپارٽمينٽ جي سربراهه سفير شيخ احمد بن حشيل بن راشد المسڪري پنهنجي پنهنجي ملڪن جي وفدن ج?? قيادت ڪئي. ترجمان چيو ته ڌرين پاڪستان ۽ او??ان جي وچ ۾ ٻطرفي ت??اون جي سمورنر خن بشمول سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، سلامتي ۽ دفاع، ثقافت، صحت ۽ قونصلر معاملن جو جامع جائزو ورتو. ڳالهه ٻولهه ۾ گهڻ رخي فورمز تي پاڪ او??ان تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته ڌرين غزه تي اسرائيل جي جنگ ۽ فلسطيني عوام جي نسل ڪشيءَ تي پڻ گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ رياست قائم ڪرڻ جي مطالبي جو پڻ ورجاءُ ڪيو.