اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته ڪامرس واري وزارت کي ترقي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ??يا ??ڃن، 13 ڪونسلز کي وڌائي 17 ڪيو ويو آهي. ٽوارزم، لائيو اسٽاڪ سميت سمورن ڪونسلز تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. اڱاري ڏ??نه?? سينيٽ ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽر ذيشان خانزاده جي سوال جي جواب ۾ واپاري واري وزير ڄام ڪمال چيو ته 2025ع جي ٽيڪسٽائل پاليسي تي ڪ?? هلي رهيو آهي، ٽيڪسٽائل انڊسٽري کي انتهائي اهميت حاصل آهي. هن چيو ته اسان مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪ??شش ڪري رهيا آهيون، موجوده صورتحال مشڪل آهي، اسان کي انٽرنيشنل مارڪيٽ تي ڏياڻ ڏيڻو آهي. هن چيو ته حڪومت مثبت اثراتن قدمن سا?? ٽيڪسٽائل جي شعبي کي بهتر بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي.