اسلام آباد-13 سيپٽمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار ايا?? صادق چيو آهي ته رسول ڪريم ??لي الل?? عليه واله وسلم جن جي تعليم ڀائيچاري،امن، انصاف ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي، ان کي پنهنجي زندگين تي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيال جو هن اظهار هن جمعي ڏينهن عيد ميلاد النبي جي مناسبت سان پارليامينٽ هائوس ۾ خطاطي نمائش ۽ سيرت محل بڪ ڪارنر جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو . سردار ايا?? صادق چي?? ته نبي ڪريم ??لي الل?? عليه وسلم انسانيت جا محسن ??هن ۽ حضور پاڪ جي سيرت طيبه ۽ حسن ??خلاق اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آهي . هن چي?? ته نبي ڪريم ??لي الل?? عليه وسلم جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ سان ئي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ممڪن آهي . سندن تعليمات اسان کي ڀائيچاري، امن، انصاف ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي. هن مبارڪ مهيني ۾ اسان کي حضور پاڪ صه جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي .اسپيڪر چي?? ته نمائش ربيع الاول جي مبارڪ مهيني جي مناسبت سان منعقد ڪئي وئي آهي . واضع رهي ته نمائش ۾ 25 کان وڌيڪ اسلامي ملڪن جي سفيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي . نمائش ۾ خطاطي جا 112 فن پارا رکيا ويا آهن جيڪي نالي وارن خطاطن جي تخليقي صلاحيتن جي نشاندهي ڪن ٿا. اسپيڪر ان موقعي تي واصل شاهد جي تخليقي صلاحيتن جي تعريف ڪندي تقريب ۾ شريڪ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ مختلف ملڪن جي سفيرن جو شڪريو ادا ڪيو .هن وڌيڪ چي?? ته سيرت محل بڪ ڪارنر ۾ نبي صلي الل?? عليه وسلم جي حيات طيبه جي حوالي سان 400 ناياب ڪتاب رکيا ويا آهن جيڪي نبي ڪريم ??ي حيات طيبه جي حوالي سان معلومات فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.