اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ مالي سال 2025ع دوران ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار ۾ 2.8 سيڪڙو جي اؤسر جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته مالي سال 2024ع دوران پاڪستان جي معيشت ۾ بحالي آئي آهي جنهن جو وڏو ڪارڻ زرعي آمدني ۾ واڌ ۽ پرڏيهه مان آيل ناڻي ۾ بهتري اچڻ آهي، اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان ڪالهه ايشيئن ڊولپمينٽ اپ ڊيٽ جي نالي سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ مطابق مالي سال 2024ع جيڪو 30 جون 2024ع تي ختم ٿيو، ا?? ۾ ??اڪستان جي مجموعي ملڪي پيداوار ۾ 2.4 سيڪڙو جي شرح سان اؤسر ٿي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالي سال 2025ع ۾ پاڪستان جي، جي ڊي پي وڌيڪ 2.8 سيڪڙو تائين وڌڻ جو امڪان آهي جڏهن ته مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معاشي چئلينجن و?? ۾ ??اڪستان لاءِ معاشي سڌارن جي پروگرام تي عمل پيرا رهڻ، ڪُلي معيشت جي استحڪام کي مضبوط ڪرڻ ۽ ترق??ءَ جي مسلسل بحال??ءَ لاءِ انتهائ?? ا??م هوندو. پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ينگ يي ٻُڌايو ته پاڪستان جي معاشي ترق??ءَ جا امڪان ان ڳالهه تي ڀاڙين ٿا ته ملڪ ۾ اقتصادي سڌارن کي ڪنهن حد تائين مستقل مزاجي سان لاڳو ڪيو وڃي ٿو ته جيئن معيشت کي مستحڪم ڪري سگهجي ۽ مالي ۽ پرڏيهي ذخيرن ۾ اضافو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان کي عوامي ماليات کي مستحڪم ڪرڻ، سماجي خرچن جي تحفظ ۾ اضافي، رياستي ملڪيتي ادارن جي مالي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ ترق??ءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪاروباري ماحول کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالي سال 25ع ۾ معاش?? ا??ڊجسٽمينٽ پروگرام جو لاڳو ڪرڻ معاشي سرگرمي?? ۾ ??ڌيڪ بهتري جو سبب بڻجندو ڇاڪاڻ ته ان سان معيشت کي وڌيڪ مستحڪم مائڪرو اڪنامڪ ماحول فراهم ٿي سگهندو، جڏهن ته نجي سيڙپڪار??ءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ بهتر معاشي حالتن جي ضرورت پوندي، ج?? ۾ ??رڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي تائين آسان پهچ شامل آهي، جنهن سان مينيوفيڪچرنگ ۽ خدمتن جي شعبي کي به فائدو پهچندو. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالي سال 24ع ۾ مهانگائ??ءَ جي سراسري شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ جاري مالي سال دوران پڻ ا?? ۾ ??ڌيڪ گهٽتائ??ءَ جو امڪان آهي. مالي سال 24ع جي پهرين ڇهه ماهي ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ رهي پر بعد ۾ خاص طور تي چوٿين ٽه ماهي ۾ گهٽتائي آئي. اها گهٽتائي کاڌي پيتي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب ٿي، جنهن جو بنيادي سبب زرعي پيداوار ۾ اضافو هو. مالي سال 25ع ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ گهٽ هئڻ جو امڪان آهي جنهن جو وڏو ڪارڻ مناسب مالياتي پاليسي، مٽاسٽا جي شرح ۾ استحڪام ۽ عالمي غذائي قيمتن جي مستحڪم اڳڪٿي ٻُڌائي پئي وڃي.