اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو وزارت هلندڙ مهيني اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس جي ??وقعي تي اثرائتي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ بهترين حڪمت عملي جوڙڻ جي ??نظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايس سي او ??انفرنس دوران پاڪ فوج، رينجرز، ايف سي ۽ پنجاب پوليس جي اضافي نفري به مقرر ڪئي ويندي. اربع ڏينهن وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي تيارين جي حوالي سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد، آءِ جي ??وليس اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد، ڊپٽي ڪمانڊنٽ ايف سي، سيڪٽر ڪمانڊر پاڪستان رينجرز ۽ سيڪيورٽي ادارن جي ??مائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايس سي او سربراهي اجلاس جي حوالي سان سيڪيورٽي ان??ظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. گهرو وزير چيو ته هلندڙ مهيني شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس پاڪستان ۾ منعقد ٿيڻ وڏي اهميت وارو آهي، سمٽ ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن، عالمي ڪانفرنس جو پاڪستان ۾ منعقد ٿيڻ پوري قوم لاءِ اعزاز آهي. هن چيو ته ايس سي او سربراهي ڪانفرنس جي ??وقعي تي فول پروف ان??ظامن کي هر سطح تي يقيني بڻايو ويندو. ايس سي او ??انفرنس جي ??وقعي تي اسلام آباد کي خوبصورت بڻايو ويندو ۽ صفائي جا خصوصي ان??ظام ڪيا ويندا. هن چيو ته ايس سي او اجلاس دوران سمورا لا??اپيل ادارا گڏيل تعاون سان پنهنجو مقرر ڪيل ڪردار ادا ڪن، سڀني کي گڏيل سهڪار سان ان اهم سربراهي اجلاس کي پرامن ۽ ڪامياب منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻو آهي.