اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطينين جي حق ۾ ڀرپور آواز اٿاريو، پاڪستان ۽ ملائيشيا معدنيات، خوراڪ، زراعت، توانائي ۽ آءِ ٽي سميت ٻين شعبن ۾ هڪ ٻئي جي صلا??يت?? مان ڀرپور فائدو کڻي ??گه?? ٿا. پي ٽي وي کي هڪ انٽرويو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ تر??ي جي حوالي سان بي پناهه موقعا آهن، 70ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي تعليم، تحقيق ۽ سائنس جي شعبي ۾ صلا??يت??ن غيرمعمولي هيون، اسان پاڪستان کي معاشي صلاحيت ۽ تعليمي شعبي ۾ رول ماڊل جي طور تي ڏسندا آيا آهيون. هن چيو ته علامه اقبال جو تمام گهڻو مداح آهيان، قائداعظم محمد علي جناح مدبر اڳواڻ هو، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ معدنيات، خوراڪ، زراعت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي صلا??يت?? مان ڀرپور فائدو کڻي ??گه?? ٿا، بدعنواني کان پاڪ ۽ سازگار ماحول سان ڪاروبار کي فروغ ملي ٿو. هن چيو ته ملائيشيا آءِ ٽي، ڊيجيٽل ۽ سيمي ڪنڊڪٽرز ۾ خطي ۾ سڀ کان اڳتي آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطينين جي حق ۾ ڀرپور آواز اٿاريو، سندس ٺوس موقف کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سميت جتي به انساني حقن جي پائمالي ٿئي ٿي ان جي مذمت ڪريون ٿا، دنيا کي اقليتن کي انهن جي حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته آسيان دنيا جو پرامن خطو آهي، آسيان جو ڊائيلاگ پارٽنر بڻجڻ جي لاءِ ملائيشيا پاڪستان جي حمايت ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪم جو جذبو رکي ٿو، اسان گڏجي پنهنجي عوام جي گڏيل مفاد ۾ هڪ ٻئي کان فائدو کڻي ??گه??ن ٿا، ملائيشيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي تر??ي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پاڪستاني پروفيشنلز جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.