لاهور- 05 آڪٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف اتر وزيرستان جي ضلعي اسپين وام واري علائقي ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاروائي ۾ 6 خوارجي دهشتگردن ??ي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز ش??يف دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪرڻ دوران جان جو نذرانو ڏيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيد ٿيل اه??ڪارن جي بلند درجن لاءِ دعا گهرندي ??ند??ن ڪٽنبن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج لازوال قربانيون ڏنيو آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوري قوم شهيدن ??ي سلام پيش ڪري ٿي. پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جو عز م ڪيو آهي.