فيصل آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين، ملڪي سلامتي جي لاءِ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت وطن سان وفا جي پنهنجي وچن جي پاسداري ڪندي پنهنجو اڄ اسان جي سڀاڻي تي قربان ڪيو، قوم کي ??اڪ فوج جي قربانين تي فخر آهي. و??ير??عظم محمد شهباز شريف اتر و??ير??تان جي علائقي اسپن وام ۾ فتنه الخوارج جي خلاف وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت شهيد جي فيصل آباد ۾ اباڻي گهر وڃي سندس گهرڀاتين سان تعزيت ۽ شهيد جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، و??ير??عظم جو بين الصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، سينيٽر طلال چوڌري به و??ير??عظم سان گڏ هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪ فوج جا شهيد مون سميت سڄي قوم جو فخر آهن، پاڪ فوج جا شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آهن. ملڪي سلامتي جي لاءِ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جون قربانيون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن. پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي سدائين قرضي رهندي، هر قسم جي دهشتگردي کي ??اڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. و??ير??عظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروايون ڪيون آه??. ل??فٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت شهيد جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ دشمنن جو ڄمي مق??بل?? ڪيو. هن اسان جي سڀاڻي جي لاءِ پنهنجو اڄ قربان ڪيو. وطن سان وفا جي پنهنجي وچن جي هن پاسداري ڪئي. ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت 4 ۽ 5 آڪٽوبر جي وچ واري رات اتر و??ير??تان جي علائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي جي موقعي تي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ شهيد ٿي ويو هو، ان سان گڏ پاڪ فوج جي 5 نوجوانن به شهادت ماڻي هئي. جڏهن ته 6 دهشتگرد جهنم واصل ٿيا.