اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيمه پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياست ڪرغزستان وچ ۾ ٻطرفن واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ٻطرفن معاهدن تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪرغزستان جي ناڻي واري وزير دانيارا منگلديوف جي قيادت ۾ ڪرغزستان جي وفد سان ملاقات ۾ چئي، اها ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ٿي جنهن س??ن پاڪستان ۽ ڪرغزستان وچ ۾ جاري دوستي ۽ حصيداري جي عڪاسي ٿي رهي آهي. وفاقي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي 23 هين ڪائونسل جي سربراهن جي اجلاس ۾ ڪرغزستان جي وفد جي شرڪت کي ساراهيو. اجلاس ۾ ڌرين واپار ۾ اضافي جي اهميت تي اتفاق ڪيو جيڪو هن وقت8.63ملين ڊالر آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته مالي سال2023ع ۾ پاڪستان جو ڪرغزستان ڏانهن روانگي ??اپار جو ڳاڻيٽو 3.33 ملين ڊالر ۽ آمدني واپار 5.3 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اضافو ضروري آهي. هن انهن انگن اکرن کي وڌائڻ ۽ موجوده واپاري عدم توازن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وفاقي وزير نومبر 2023ع ۾ ٿيل پاڪ – ڪرغزستان بين الحڪومتي ڪميشن جي چوٿين اجلاس جي مثبت نتيجن جي تصديق ڪئي ۽ پاڪستان طرفان انهن معاهدن تي عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ واپار، ??را??ت، توانائي، کاڻين، ڊجيٽل ترقي، سياحت، صحت، بئنڪنگ ۽ تعليم جهڙن مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. احد خان چيمه ??را??ت ۽ واپار جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپس قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن اس??ام آباد ۾ ٿيندڙ ايندڙ پنجين اجلاس جي ميزباني جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ان طريقيڪار ذريعي لاڳاپن کي مضبو?? بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. ملاقات ۾ هڪ ٻي اهم رخ، ”ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ“ ۽ ??را??ت ۽ واپار ۾ تعاون لاءِ لاڳاپيل مفاهمت جي يادداشتن کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ هو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان ڏس ۾ گڏيل واپار جي حقيقي صلاحيت مان فائدي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.