اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) قزاخستان جو وزيراعظم اولزاس بيڪو تينو ۽ بيلاروس جو وزيراعظم رومن گولو چينڪو شنگهائي تعاون تنظيم جي 23هين اجل??س ۾ ??رڪ?? کانپوءِ وطن واپس روانا ٿي ويا، سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ٻنهي و??يراعظمن کي اسلام آباد ايئرپورٽ تي کين رخصت ڪيو. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته مستقبل ۾ به ائين ئي رابطن ۽ دورن جا خواهشمند آهيون جيڪي خ??ي جي لاءِ انتهائي لاڀائتا ثابت ٿيندا. قزاخستان جي و??يراعظم ۽ بيلاروس جي و??يراعظم وفاقي وزير عبدالعليم خان جا ٿورا مڃيندي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس شاندار ۽ تمام اعليٰ انداز ۾ ٿيو ۽ سندن پاڪستان ۾ قيام انتهائي خوشگوار رهيو جڏهن ته هو ڪيتريون ئي اميدون ۽ خوشگوار يادون کڻي وڃي رهيا آهن. شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ روس جي ٽرانسپورٽ واري ڊپٽي و??ير دمتري زرائوف جي وچ ۾ ملاقات ٿي ۽ ان اجل??س ۾ روس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مواصلات جي شعبي ۾ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ نئين منصوبن تي غور ڪيو ويو. اجل??س ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان جي لاءِ چين، افغانستان جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن تائين روڊ نيٽ ورڪ جي اهميت رکندڙ هوندو جڏهن ته روسي ڊپٽي ٽرانسپورٽ منسٽر دمتري زرائوف پاڪستان جي ڪميونيڪشن سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. اجل??س ۾ ٻنهي ملڪن جي و??يرن پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس انتهائي مثبت رهيو ۽ اهي قدم خطي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اجل??س ۾ مواصلات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ ريلوي و??ري وفاقي سيڪريٽري جي ??رڪ?? ۽ مواصلات جي شعبي ۾ اهم معاملن تي بريفنگ ڏني.