اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ??کڻ آفريقا جي عالمي لاڳاپن ۽ تعاون واري نائب وزير ايناٿانڊي موراڪا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پ??ران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ ??کڻ آفريقا جي وچ ۾ وڌندڙ گڏيل لاڀائتي تعاون کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ نائب وزير موراڪا پاڪستان ۽ ??کڻ آفريقا جي وچ ۾ قيادت جي سطح ??ي باقاعده شموليت ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڏنو. هن واپار ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.