اسلام آباد- 01 نومبر (اي پي پي ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محس?? نقوي مستونگ ۾ سول اسپتال چؤڪ ويجهو ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم ٻارن کي نشانو ب??ائي بربريت جو مظاهرو ڪيو ويو. معصوم ٻارن جي حياتين سان کيڏندڙ وحشي ڪنهن قسم جي رعايت جا حق??ار ناهن. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محس?? نقوي معصوم ٻارڙن ۽ پوليس اهلڪار جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. محس?? نقوي شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته معصوم ٻارن کي نشانو ب??ائڻ جي واقعي جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي. حڪومت شهيدن جي ڪٽنبن سان گڏ آهي. وفاقي گهرو وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.