اسلام آباد-08 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي ??زي?? محسن نقوي جي هدايت تي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪاسڪيڊ جي نالي سان جديد تري?? خدمت مرڪز قائم ڪيو ويو جتي سفارتي برادري ۽ پرڏيهي شهرين کي 12 خدمتون هڪ ڇت هيٺيان ملنديون. وفاقي ??زي?? محسن نقوي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ سفارتڪارن جي سهولت لاءِ قائم ڪاسڪيڊ خدمت مرڪز جو باقاعده افتتاح ڪيو. ان سينٽر ۾ ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ ۽ ان جي تجديد، ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ، جنرل پوليس تصديق، گمشدگي جي رپورٽ، ڪرائيدارن جي رجسٽريشن جي سهولت خدمت مرڪز ۾ دستياب هوندي. پرڏيهين جي رجسٽريشن، گهريلو ملازمن جي رجسٽريشن، رضاڪارن جي رجسٽريشن، گاڏين جي تصديق ۽ ايف آءِ آر جي ڪاپي حاصل ڪرڻ جهڙيو?? خدمتون مهيا ڪيون وينديون. گهرو معاملن واري وفاقي ??زي?? چيو ته ??زي??اعظم جي ويزن موجب سفي??ن ۽ پرڏيهين جي سهولت ۽ حفاظت لاءِ هر ممڪن قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، اهو مرڪز سفارتي برادري ۽ سمورن مهمانن لاءِ سيڪيورٽي ۽ خدمتن جي فراهمي جي اسان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. خدمت مرڪز ۾ سفارتڪا??ن ۽ پرڏيهي شهرين کي سموريون سهولتون هڪ ڇت هيٺيان ملنديون. هن چيو ته ڊپلوميٽڪ انڪليو سميت پوري گادي واري هنڌ کي خوبصورت بڻائڻ اسان جو مشن آهي، خدمت مرڪز جي قيام سان قانون لاڳو ڪندڙ ادا??ن ۽ سفارتڪارن وچ ۾ رابطا ۽ گڏيل تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو. هن چيو ته 1500 کان وڌيڪ پوليس ۽ ايف سي اهلڪار ۽ 20 پوليس گاڏيون ڊپلوميٽڪ انڪليو جي سيڪيورٽي تي مقرر آهن. وفاقي ??زي?? محسن نقوي سفارتڪارن سان گڏجي ڪاسڪيڊ خدمت مرڪز جو دورو پڻ ڪيو. گهرو ??زي?? محسن نقوي پوليس خدمت مرڪز جي مختلف ڪائونٽرز جو معائنو ڪيو ۽ سهولتن جو جائزو ورتو. آءِ جي اسلام آباد پوليس پرڏيهي شهرين کي فراهم ڪيل سمورين سهولتن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. تقريب ۾ شريڪ سفارتڪا??ن ۽ پرڏيهي شهرين ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ڪاسڪيڊ خدمت مرڪز جي قيام تي گهرو ??زي?? جي ٿورو مڃيو، تقريب ۾ سفارتڪارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، وفاقي گهرو سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد پوليس، ڊي سي اسلام آباد ۽ اسلام آباد پوليس جا سينئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا.