اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام کي انهن جي 53هين قومي ڏين??ن تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي يو اي اي جي تر??ي ۽ خوشحالي جي شاندار سفر تي فخر آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته يو اي اي جو تر??ي ۽ خوشحالي جو اهو سفر شيخ زايد بن سلطان النهيان مرحوم جي ڏاهپ سان ئي ممڪن ٿيو، جدت جي ان ويزن کي شيخ محمد بن زيد النهيان ۽ شيخ محمد بن راشد آل مڪتوم اڳتي وڌايو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين يو اي اي جو ثابت قدم ڀاءُ ۽ حصيدار رهيو آهي، اسان پنهنجي تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضب??ط بڻائڻ ۽ ا??هن کي ڪارائتي اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهنداسين.