اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي ??ي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي ملڪيتن تي مسلسل قبضي تي ??ڻتي جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ ضلعي ڪشتواڙ ۾ 13 ماڻهن جي ملڪيتن جي تازي ضبطي پڻ شامل آهي. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس ??ريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي قدم ڪشميرين جي زمينن ۽ ملڪيتن کي ضبط ڪرڻ جي جاري مهم جو حصو آهي ته جيئن ڪشميري عوام کي هراسان ۽ ڊيڄاري سگهجي ۽ انهن کي انهن جي سياسي نظرين جي سزا ڏئي سگهجي. هن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڀريون ٿا ته اهي ڪشميرين جي ملڪيتن تي قبضي جي جاري مهم کي ختم ڪن ۽ هڪ قابض طاقت جي طور تي پنهنجي عالمي ذميوارين جي پاسداري ڪن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ??نهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.